پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ سڀاڻي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي

پاڪستان ۽ سري لنڪا جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ سڀاڻي سارا اوول ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي، جنهن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم جون نظرون کتل آهن.

جيڪڏهن پاڪستان جي ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ته اها 9 سالن بعد پهرين ٽيسٽ سيريز هوندي، جنهن ۾ قومي ٽيم فتح ماڻيندي، ان کان اڳ 2006 ۾ انضمام الحق جي قيادت ۾ قومي ٽيم ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جنهن بعد لاڳاتار ٽن ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستان جي ٽيم کي شڪست نصيب ٿي.

گال ۾ کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد قومي ٽيم جي رانديگرن جا حوصلا گهڻا بلند ٿيا آهن.

ٻين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ٽيم هيڊ ڪوچ وقاريونس جي نگراني هيٺ ڀرپور پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪئي.

پريڪٽس سيشن دوران ٽيم جي سمورن رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ بعد فيلڊنگ سان گڏ نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس ڪئي.

قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته هو ٽيم جي ڪاميابي لاءِ گهڻو پراميد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*