انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزامن کانپوءِ ارجنٽائن جي تڪراري آرمي چيف سيزر ميلاني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزامن کانپوءِ ارجنٽائن جي تڪراري آرمي چيف سيزر ميلاني استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

60 سالن جي ليفٽيننٽ جنرل سيزر ميلاني تي 1976ع کان 1983ع تائين ملڪ ۾ مارشل لا دوران انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام هئا، خاص طور تي کيس هڪ فوجي البرٽو ليڊو جي اغوا ۽ کيس غائب ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ جو الزام هو.

ارجنٽائن جي صدر ڪرسٽينا 2013ع ۾ ميلاني کي آرمي چيف مقرر ڪيو هو ۽ مٿس الزامن جو دفاع پڻ ڪندي رهي آهي.

مارچ 1976ع ۾ ان وقت جي آرمي چيف جارج ويڊيلا ملڪ جــِي صدر ماريا ايسٽيل مارٽينز ڊي پيرون جو تختو اونڌو ڪري مارشل لا لاڳو ڪئي هئي، سندس 7 سالن دور دوران 30 هزا کان وڌيڪ ماڻهن غائب ڪري قتل ڪيو ويو هو.

ارجنٽائن ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ نورا ڪورٽيناس جو چوڻ هو ته آرمي چيف انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، انڪري کيس گهڻو اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*