ذميواري سان چوان ٿو ته گرمي وگهي سنڌ ۾ 1500 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، حليم عادل شيخ
پاڪستان رليف فائونڊيشن جي سربراهه حليم عادل شيخ چيو آهي ته هو ذميواري سان چوي ٿو ته گرمي وگهي سنڌ ۾ 15 سئو ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ماڻهن جي موت جي ذميوار وفاقي ۽ صوبائي سرڪار آهي.
ڪراچي۾ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته اين ڊي ايم اي ڪٿي آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهن جي مرڻ جو ذميوار عابد شير علي آهي پر مملڪتي وزير رڳو سنڌين کي بجلي چور چوڻ ۾ مصروف آهي.
حليم عادل جو چوڻ هو ته صحت واري صوبائي وزير سندس امدايدي ڪئمپ بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهن جي مرڻ جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ خلاف داخل ٿيڻ گهرجي.
حليم عادل چيو ته گڏاپ، ڪياماڙي، ملير، مواڇ ڳوٺ ، بن قاسم ۽ ٻين علائقن ۾ گرمي سبب وڏي تعداد ۾ ماڻهو فوت ٿيا آهن.