پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا لازوال ۽ انتهائي اهم آهن، صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، حريمين شريفين جو دفاع ڪيو ويندو.

صدر ممنون حسين جده ۾ ولي عهد محمد بن نائيف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – سعودي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران صدر ممنون حسين چيو ته پاڪ – سعودي عرب جا  لاڳاپا لازوال ۽ انتهائي اهم آهن.

ممنون حسين چيو ته مستقبل ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*