ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ گينگ وار جا 4 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي لياري واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ گينگ وار جا 4 ڏوهاري مارجي ويا، پوليس اورنگي ٽائون ۾ ٻن مبينا ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

لياري جي ڪلري واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گينگ وار جا 4 ڏوهاري مارجي ويا.

ايس پي سٽي موجب، مارجي ويل ڏوهارين جو تعلق ڪامريڊ شيراز گروپ سان هو، جوابدار  ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري جي وارداتن ۾ ملوث هئا.

آءِ جي سنڌ گينگ وار جي ڏوهارين سان مقابلي ۾حصو وٺندڙ  اهلڪارن لاءِ  5 لک انعام جو اعلان ڪيو آهي.

اورنگي ٽائون جي سيڪٽر ساڍا  11 واري علائقي ۾ پوليس مقابلي دوران ٻن مبينا ٽارگيٽ ڪلرز کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي  جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرز جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا آهن ۽ انهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*