ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوتين جو انگ 945 کان وڌي ويو
ڪراچي ۾ گرمي وگهي 6 ڏينهن دوران فوتين جو انگ 945 کان وڌي ويو آهي، سنڌ جي ٻين علائقن ۾ فوتين جو انگ 71 کان وڌي ويو.
قهر جي گرمي سبب 6 ڏينهن دوران رڳو ڪراچي ۾فوتين جو انگ وڌي 945 ٿي ويو آهي، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ داخل سوين ماڻهن مان ڪيترن ئي ڄڻن جي حالت خراب هجڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ گرمي سٽيل 295، سول اسپتال ۾ 110، عباسي شهيد ۽ ٻين اسپتالن ۾ڏيڍ سئو ماڻهن جي زندگي جو ڏيئو اجهامي ويو.
لياري جنرل اسپتال ۾ 22، ڪورنگي اسپتال ۾ 2 ڄڻا، سعود آباد اسپتال ۾ 3،سنڌ ميڊيڪل اسپتال لياقت آباد ۾ 31 ڄڻا ۽ خانگي اسپتالن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن گرميءَ جي سٽ نه سهندي دم ڏنو.
نيو ڪراچي اسپتال ۾ 23 جڏهن ته اين آءِ بي وي ڊي اسپتال ۾ 40 ماڻهن دم ڏنو.
قطر اسپتال ۾ 34 انڊس ۾ 41 ڪياماڙي ۽ سنڌ گورنمنيٽ اسپتال ۾ چئن ماڻهن دم ڏنو.
پٽيل اسپتال ۾ 23 جڏهن ته آغا خان ۾ 20 ۾ماڻهن جي حياتي کسجي وئي.
گرمي سٽيل سوين ماڻهن کي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي اسپتالن ۾ مريضن کي داخل ڪرڻ جي گنجائش پڻ نه رهي آهي.
20 جون کان هن وقت تائين ڪراچي ۾ فوتين جو انگ 945 کان وڌي ويو آهي.
حيدرآباد جي مختلف علائقن ۽ اسپتالن ۾ گرمي سبب 6 ڏينهن دوران فوت ٿي ويلن جو انگ 31 تائين پهتو آهي.
ماتلي جي مختلف علائقن ۾ گرمي وگهي چئن ڏينهن دوران فوت ٿيلن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي.
ٺٽي جاتي، سيراڻي ، پڊ عيدن ٺل، ٺارو شاهه ۽ ٻين علائقن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.