چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو

 برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم مٿان ڀارت کان مالي فنڊنگ وٺڻ واري الزامن بعد وفاقي گهرو وزارت ۾ اڄ اهم اجلاس ٿي رهيو آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ اڄ اهم اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن موجب، گهرو وزارت پاران بي بي سي جي رپورٽ جي روشني ۾ جاچ ڪرائڻ جو امڪان آهي.

گهرو وزارت پاران بي بي سي جي رپورٽ جي جاچ سنڌ رينجرز ۽ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي کان ڪرائڻ جو امڪان آهي، ان حوالي سان حتمي فيصلا اڄوڪي اجلاس ۾ ڪيا ويندا.

ذريعن موجب، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران بي بي سي جي رپورٽ تي وزيراعظم نواز شريف کي به بريفنگ ڏيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*