آءِ سي سي ظهير عباس کي صدر طور عهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ايشين بريڊمين ظهير عباس جي آءِ سي سي جي صدر طور عهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سالياني گڏجاڻي ويسٽ انڊيز جي شهر بارڊوس ۾ جاري آهي.

گڏجاڻي ۾ آءِ سي سي جي فل ميمبر ملڪن جي آفيشلز شرڪت ڪئي آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي گڏجاڻي ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ظهير عباس جي صدر طور منظوري ڏني وئي آهي.

آءِ سي سي ورلڊڪپ بعد بغير صدر جي ڪم ڪري رهي هئي، ڇاڪاڻ جو بنگلاديش جي مصطفيٰ ڪمال صدارت واري عهدي تان استعفيٰ ڏني هئي.

صدر واري عهدي لاءِ پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين نجم سيٺي کي نامزد ڪيو ويو هو،جنهن ان عهدي تي ڪم ڪرڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته صدر واري عهدي تي ڪو اڳوڻو ڪرڪيٽر هجڻ گهرجي ،جنهن بعد پي سي بي ظهيرعباس کي نامزد ڪيو.

67 ورهين جي ظهير عباس قومي ٽيم پاران 78 ٽيسٽ ميچز سان گڏ 62 ون ڊي ميچز ۾ نمائندگي ڪئي.

ظهير عباس 1975، بعد هن 1979 ۽ 1983 جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم نمائندگي ڪئي.

ظهير عباس قومي ٽيم جي پاران 14ٽيسٽ ميچز سان گڏ 13 ون ڊي ميچز ۾ ڪپتاني پڻ ڪئي، جڏهن ته هن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 108 سنچريون اسڪور ڪيون،جنهن سبب کيس ايشين بريڊمين جو لقب مليو.

ظهير عباس 1993۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران ميچ ريفري جون زميواريون نڀائيون.

ظهير عباس جو چوڻ آهي ته سندس ڀرپور ڪوشش هوندي ته دنيا سميت پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

هن چيو وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنشنل ڪرڪيٽ جي مسلسل بحالي سندس ٽارگيٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*