ڀان سيد آباد ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت، 25 زخمي

ڀان سيد آباد ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙي فوت ۽ عورتن، ٻارڙن سميت  25 مسافر زخمي ٿي پيا.

ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب انڊس هاءِ وي تي ڳوٺ لڪي شاهه ويجهو ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ 10 ورهين جي حسيبا ڳورڙ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

حادثي بعد امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي سيوهڻ جي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*