ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهو مري رهيا آهن، جڏهن ته اسيمبلي رڳو ڊيٽنگ ڪلب بڻجي وئي آهي، شيخ رشيد

سينيئر سياستدان شيخ رشيد احمد چيو آهي ته اسحاق ڊار آءِ ايم ايف کي غلط انگر اکر ڏنا، ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهو مري رهيا آهن، قوم کي ڍنگ سان مرڻ جو حق به نه ٿو ڏنو وڃي.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد احمد چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو رويو غير جمهوري آهي.

هن چيو ته اسحاق ڊار غلط بياني ڪري آءِ ايم ايف کي به غلط انگ اکر پيش ڪيا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهو مري رهيا آهن، جڏهن ته اسيمبلي رڳو ڊبيٽنگ ڪلب بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ رضيه بٽ جا رڳو ناول ئي ڏيکاري سگهجن ٿا.

هن چيو ته قوم کي سليقي سان مرڻ جو حق به نه پيو ڏنو وڃي، مردا رسوا ٿي رهيا آهن، اهو وڏو غير جمهوري رويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*