بي بي سي ساکائتو ادارو آهي، اهو غلط رپورٽنگ نه ٿو ڪري سگهي، شاهه محمود قريشي

بي بي سي جي متحده بابت رپورٽ تي ملڪ ۾ ٿرٿلو متل آهي، پي ٽي آءِ جي قيادت انهي معاملي تي وفاق، سنڌ حڪومت ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت کان چار اهم سوالن جا جواب طلب ڪري ورتا، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته بي بي سي ساکائتو ادارو آهي، اهو غلط رپورٽنگ نه ٿو ڪري سگهي.

پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ايم ڪيو ايم تي ايترا سنگين الزام لڳا آهن، وفاقي حڪومت ٻڌائي ته ڇا اها انهي معاملي جي جاچ جو ڪو ارادو رکي ٿي يا نه؟

هن چيو ته ايم ڪيو ايم تي لڳل سنگين الزام اهي آهن ته ايم ڪيو ايم کي هندستان مان فنڊنگ ٿي آهي، ايم ڪيو ايم کي ٽريننگ به ملندي رهي آهي، لنڊن ۾ جيڪي ڇاپا لڳا انهن ۾ اهڙا ڪاغذ پٽ به هٿ آيا، جن ۾ هٿيارن جي فهرست هئي ته وفاق ٻڌائي ته اهو ڪهڙا قدم کڻندو، ڇاڪاڻ ته اهي سنگين الزام رياست تي حملي برابر آهن.

شاهه محمود قريشي پيپلز پارٽي جي قيادت کان به سوال پڇيو ته ڇا اُهي متحده کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ واري دعوت تي متحده تي لڳل نون الزامن کانپوءِ به برقرار آهن يا نه؟

شاهه محمود قريشي متحده جي قيادت کان سوال ڪيو ته جڏهن اهي بي بي سي جي الزامن کي من گهڙت ۽ بي بنياد سمجهن ٿا ته ڇا اهي بي بي سي خلاف قانوني ڪارروائي جو ڪو ارداو رکن ٿا يا نه؟

شاهه محمود قريشي سنڌ حڪومت ۽ وزير اعظم کان سوال ڪيو ته ڪراچي ۾ قيامت جي گرمي آهي، سنڌي تڙپي رهيا آهن، قبرستانن ۾ کوٽ آهي پر سنڌ جي قيادت دبئي ويٺي آهي، هڪ هزار ماڻهو موت جو لقمو بڻيا پر وزير اعظم وٽ ڪراچي وڃڻ جيتري فرصت نه آهي، نون ليگ، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت قوم کي جواب ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*