متحده بابت بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس ورتو آهي، پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله

پرڏيهي ترجمان قاضي خليل الله چيو آهي ته متحده بابت بي بي سي جي رپورٽ جو نوٽيس ورتو آهي، اُن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، زيد حامد جي آزادي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

پرڏيهي ترجمان پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته متحده بابت بي بي سي جي رپورٽ جو نوتيس ورتو ويو آهي، جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ادارا ان جو جائزو وٺي رهيا آهن.

هن چيو ته ڀارت سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪرڻ بابت فيصلو نه ٿيو آهي، قاضي خليل الله جو چوڻ آهي ته ڀارتي الزام بي بنياد آهن.

قاضي خليل الله جو چوڻ هو ته پاڪستان پنهنجي عالمي ذميوارين کان واقف آهي ۽ پنهنجي مفاد وٽان هر ضروري قدم کڻندو.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو پاڪ-افغان لاڳاپا خراب ڪرڻ گهرن ٿا، زيد حامد جي آزادي لاءِ اپاءُ وٺي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*