سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صحافين گهوٽڪي جي صحافي حاڪم ابڙي جي اغوا خلاف احتجاج ڪندي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صحافين گهوٽڪي جي صحافي حاڪم ابڙي جي اغوا خلاف احتجاج ڪندي پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو، جن سان صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيندي ئي صحافين ، صحافي حاڪم ابڙو  جي اغوا خلاف احتجاج ڪندي  پريس گيلري مان واڪ آئوٽ ڪيو، جنهن دوران نعريبازي به ڪئي وئي.

صحافين جي احتجاج بعد شرجيل ميمڻ ساڻن ڳالهيون ڪري ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي سان فوري طور ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد صحافين احتجاج ختم ڪيو.

حاڪم ابڙو جي  محفوظ بازيابي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي  اجلاس دوران دعا به گهري وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*