نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، خواجه آصف

 پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف استعيفيٰ وارو سنڌ حڪومت جو مطالبو رد ڪندي چيو آهي ته ڪي اي اي سي واري معاملي کي سپريم ڪورٽ کڻي وينداسين، ڌرڻن سان مسئلا حل نه ٿيندا، سنڌ سرڪار پنهنجا فرض پورا ڪري، جتي ميگا پراجيڪٽس لاءِ فنڊ رکيا پيا وڃن، اتي قبرستان لاءِ به رقم رکي وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب 70 سيڪڙو محنت مزدوري ڪندڙ فوت ٿيا آهن.

هن چيو ته ڀارت سميت يورپي ملڪن ۾ به گرمي سبب هزارين جانيون ضايع ٿيون، سندس استعيفيٰ سان معاملو حل نه ٿيندو، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پنهنجا فرض پورا ڪري.

خواجه آصف چيو ته نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي ۽ عملدارن ڪراچي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪراچي ۾ گرمي سبب ٿيل جاني نقصان قبول ڪرڻ گهرجي، سرڪار پنهنجي فرضن کان ڀڄي نٿي سگهي.

خواجه آصف چيو ته ڪي اي ايس سي سي جي پهريون ڀيرو نجڪاري 2005 ۾ ٿي پر وري جڏهن 2008 ۾ پ پ جي حڪومت آئي ته ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ جو نالو ڏئي نئون معاهدو ڪيو ويو.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 6 سئو 50 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي وارو معاهدو ختم ٿي ويو آهي پر هو ڪراچي جي عوام جي خاطر بجلي فراهم ڪري رهيا آهن پر هاڻي ڪي اليڪٽرڪ سان نئون معاهدو ڪيو ويندو، جنهن ۾ به ڪراچي جي عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکيو ويندو.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ٻارڻ گهر مان بجلي پيدا نه ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڪمپني پنهنجي بجلي پيدا ڪري ته هو 650 ميگاواٽ بجلي ٻين علائقن کي ڏئي سگهن ٿا.

خواجه آصف چيو ته ڪراچي ۾ قبرستانن جي زمينن تي قبضو ڪري رهائشي ڪالونيون تعمير ڪيون ويون آهن، ماڻهن دفنائڻ لاءِ جڳهه ڪٿان ملندي، سنڌ سرڪار جتي ميگا پراجيڪٽ لاءِ فنڊ رکي رهي آهي، اتي قبرستان لاءِ به رقم رکي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*