بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي، راڻا ثناءُ الله

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي، ايس ايس پي رائو انور جا انڪشاف واضح هئا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته برطانوي خابرو اداري ايم ڪيو ايم تي سنگين الزام مڙهيا آهن.

هن چيو ته حڪومت بي بي سي جي رپورٽ جو جائزو وٺي رهي آهي، وزير اعظم ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي عوام جي حمايت حاصل آهي، حڪومت متحده تي لڳل الزامن جي جاچ ڪري رهي آهي.

راڻا ثناءُ الله لوڊشيڊنگ تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ بجلي جو بحران گرمي ۾ اضافي سبب ٿيو.

هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف پرامن احتجاج سڀني جو جمهوري حق آهي، ڪوڙي واويلا ڪندڙ قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ مان بجلي بحران جي خاتمي لاءِ سنجيده آهي، پرتشدد  مظاهرن بدران حڪومت سان سهڪار ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*