سنڌ ۾ ماڻهو پيا مرن، خبر ناهي اربين روپين جي رقم ڪيڏانهن وئي آهي، عمران خان

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته گرمي وگهي ڪراچي ۾  ماڻهو پيا مرن، پر سنڌ جو شاهي خاندان دبئي روانو ٿي ويو آهي، حڪومت نالي ڪا شئي نظر نه پئي اچي، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم بي بي سي خلاف عدالت نه وئي ته ثابت ٿي ويندو متحدا را کان مدد وٺندي رهي آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرسن ڪندي عمران خان چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو پيا مرن خبر ناهي اربين روپين جي رقم ڪيڏانهن وئي آهي.

هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن تي هڪ عذاب آيو آهي پر حڪومت ڪٿي به نظر نه پئي اچي، جڏهن انڊيا ۾ گرمي سبب ماڻهو فوت ٿيا ته ان وقت ئي حڪومت کي اپاءَ وٺڻ گهرجن ها.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي ڪا به کوٽ نه آهي مافيائون عوام جو رت چوسي رهيون آهن.

عمران خان چيو ته حڪومت جتي ڪٿي فيل آهي، ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿيا ڪجهه به نه ڪيو ويو، دهشتگردي سبب ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون  ته به حڪومت نظر نه پئي اچي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته گورننس سسٽم سهي ٿيندو ته مسئلا حل ٿيندا، ڪرپشن جي خاتمي کان بنا حڪومت نه هلي سگهندي.

هن چيو ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڇهه ڇهه ڀيرا وارا ورتا ، پر ملڪ جي تقدير نه بدلجي سگهي.

عمران خان چيو ته سنڌ جي غريب ماڻهن کي ڏکي وقت ۾ ڇڏي سنڌ جا شاهي ڪٽنب دبئي هليو ويو آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه پرڏيهه ۾ آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف جون ملڪيتون به ٻاهر آهن، جڏهن ته لانچن ذريعي پاڪستان جو پئسو ٻاهرين ملڪن ڏانهن منتقل پيو ڪيو وڃي.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته آصف زرداري کي ڪرپشن لڪائڻ وقت جمهوريت ياد اچي ويندي آهي.

هن چيو ته نواز شريف ميٽرول ٺاهي اشتهار بازي پيو ڪري ڄڻ هن پنهنجا پئسا خرچ ڪيا هجن.

پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سيالڪوٽ جو درٻاري چوي ٿو ته ڪراچي سندن ذميواري ۾ ناهي، کيس شرم اچڻ گهرجي ۽ استعيفيٰ ڏي.

هن چيو ته سنڌ ۽ ڪي پي ڪي مان گئس ملي رهيو آهي پر انهن ئي صوبن کي گئس نه پيو سپلاءِ ٿئي.

عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم بي بي سي خلاف هرجاڻي جو نوٽيس نه موڪليو ته ثابت ٿي ويندو ته متحدا را کان مدد وٺندي رهي آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته ڀارتي ايجنسي کان پئسا وٺي ڪارڪنن کي تربيت ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، حڪومت ڪارروائي ڪري.

هن چيو ته الطاف حسين 2003 دهلي ڪانفرنس چيو هو ته پاڪستان جو ٺهڻ ننڍي کنڊ تي ظلم آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*