وڏي وزير ٻن سالن دوران ڪو به جهاز خريد نه ڪيو آهي، سيد مراد علي شاهه

سنڌ حڪومت پاران 21 ارب 34 ڪروڙ 5 لک رپين واري سپليمينٽري بجيٽ جي منظوري لاءِ ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته نئين گاڏين جي خريداري وڏي وزير جي منظوري سان ٿيندي آهي.

اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس دوران ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 2014ع ۽ 2015ع لاءِ  21 ارب 34 ڪروڙ ۽ 5 لک رپين واري سپليمينٽري بجيٽ منظوري لاءِ پيش ڪئي.

مخالف ڌر جي ميمبرن سپليمينٽري بجيٽ جي منظوري کان اڳ ڪٽوتي واريون رٿون پيش ڪيون، جيڪي حڪومتي ڌر جي مخالفت سبب رد ڪيون ويون.

50 مختلف مدن ۾ خرچ ڪيل سپليمينٽري بجيٽ جي منظوري دوران ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو ته نئين گاڏين جي خريداري وڏي وزير جي منظوري سان ٿيندي آهي.

ناڻي واري وزير چيو ته وڏي وزير ٻن سالن دوران ڪوبه جهاز خريد نه ڪيو آهي ۽ وڏو وزير پنهنجو هيليڪاپٽر عوام جي خدمت لاءِ استعمال ڪندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*