ڪراچي ۾ گرمي وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ شهر ۾ فوتگين جو انگ وڌي هڪ هزار 53 ٿي ويو

ڪراچي ۾ گرمي وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ شهر ۾ فوتگين جو انگ وڌي هڪ هزار 53 ٿي ويو آهي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ وڌيڪ چئن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ  انگ 90 تائين پهتو آهي.

ڪراچي ۾ گرمي ۾ گهٽتائي باوجود اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ۽ بجلي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي مرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي.

شهر جي قطر اسپتال ۾ وڌيڪ چئن ماڻهن دم ڏنو جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ به چار ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

مختلف اسپتالن ۾ اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو داخل آهن جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڪراچي ۾ 8 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو انگ هڪ هزار 53 ٿي ويو آهي.

مٺي جي ڳوٺ پاڙو ۾ مسمات چاندي ۽ فقير ڪالوني واسي جاني پٽ خدا بخش فوت ٿي ويا.

ٺل جي ڳوٺ درياءَ خان کوسو ۾ مسمات حسنا لاشاري گرمي سبب دم ڏنو.

ٿاڻو بولا خان جي ڀٽائي آباد ڪالوني ۾ 80 ورهين جي رام ڏني فوت ٿي وئي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌيڪ چئن ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 90 تي پهتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*