سـُپريم ڪورٽ 18 هين ۽ فوجي عدالتن جي قيام بابت 21 هين ترميمن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

سـُپريم ڪورٽ 18 هين ۽ فوجي عدالتن جي قيام بابت 21 هين ترميمن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، ججز ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هر قسم جي دهشتگردي رياست خلاف هوندي آهي، 17 ججز سميت سموري قوم چاهي ٿي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 17 رڪني فل ڪورٽ بينچ 18 هين ۽ 21 هين ترميم تحت فوجي عدالتن جي قيام خلاف مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

 اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ دليل ڏيندي چيو ته عدليه جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي پر سپريم ڪورٽ آئيني ترميم يا قانون کي ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگهي.

اٽارني جنرل چيو ته فوجي عدالتن جو قيام سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان عمل ۾ آندو ويو آهي، صوبائي حڪومتن به ان جي حمايت ڪئي آهي.

 جسٽس سرمد جلال عثماني ريمارڪس ڏنا ته هر قسم جي دهشتگردي رياست جي خلاف هوندي آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي 17 ججز سميت سموري قوم چاهي ٿي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي.

جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ڏنا ته جمهوري سسٽم آئين جو بنيادي خاڪو آهي، آمرن جي دور ۾ جمهوريت کي نقصان ٿيو.

جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ۾ چيو ته آرٽيڪل 63 اي  جي تشريح ڪرڻي آهي يا نه، ان جو جائزو عدالت وٺندي.

جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته ملڪ ۾ اڪثر جمهوريت معطل رهي، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پارٽيون ٽوڙيون ويون ۽ هڪ الڳ جماعت ٺاهي وئي.

 18 هين ترميم تي دليل ڏيندي اٽارني جنرل چيو ته ان ترميم ذريعي ججز جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جو قيام عمل ۾آندو ويو، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اڪثريت ججز جي آهي.

جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته جڊيشل ڪميشن ۾ ججز، حڪومت ۽ بار سميت سڀني جي نمائندگي آهي.

چيف جسٽس ناصر الملڪ ريمارڪس ۾ چيو ته 18 هين ترميم جو مقصد سياسي پارٽين جي سربراهن کي اهو اختيار ڏيڻ آهي ته اهي پنهنجي پارٽي اندر فاروڊ بلاڪ کي روڪي سگهن.

 عدالت ۾ چئني صوبن ۽ اسلام آباد جي ايڊووڪيٽ جنرلز پاران اٽارني جنرل جي موقف جي حمايت ڪئي وئي.

عدالت، اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتوآهي.

18 هين ترميم خلاف 2010 ۾ 17 ۽ 21 هين ترميم خلاف 15 درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*