پنجاب اسيمبلي بي بي سي جي رپورٽ بابت ايم ڪيو ايم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

پنجاب اسيمبلي، بي بي سي جي رپورٽ بابت ايم ڪيو ايم خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ جي متن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته الزام ثابت ٿيڻ تي الطاف حسين ۽ سندس ساٿين خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ايم ڪيو ايم خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.

ٺهراءُ موجب، برطانوي خابرو ادراي ايم ڪيو ايم تي سنگين الزام مڙهيا آهن، حڪومت معاملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪري.

ٺهراءُ موجب، ايم ڪيو ايم تي ملڪ دشمن سرگرمين واري الزام تي ايوان کي ڳڻتي آهي.

ٺهراءُ ۾ مطالبوڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم تي الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ الطاف حسين ۽ سندس ساٿين خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري جو ڪيس هلايو وڃي.

واضح رهي ته برطانوي خابرو اداري بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ ايم ڪيو ايم تي سنگين الزام مڙهيا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*