سنڌ هاءِ ڪورٽ 15 ڄڻن کي کنڀي گم ڪرڻ واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ 15 ڄڻن کي کنڀي گم  ڪرڻ واري ڪيس ۾ لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف وقت تي گم ٿي ويل 15 ڄڻن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

رينجرز طرفان سمورن گم ٿيل ماڻهن جي گرفتاري کان لا تعلقي ظاهر ڪئي وئي جڏهن ته پوليس پنهنجو جواب داخل نه ڪرايو.

عدالت گذريل سال اپريل مهيني ۾ ايئرپورٽ تان کنڀي گم ڪيل نوجوان طلحه جو پتو لڳائڻ لاءِ ايئرپورٽ جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ طلب ڪري ورتا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، لاڳاپيل ٿاڻن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 23 تائين جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*