اسلام آباد جي عدالت شعيب شيخ سميت چئن جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد جي عدالت، جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي سي اِي او شعيب شيخ سميت چئن جوابدارن کي ستن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن سول جج عبدالغفور ڪاڪڙ جعلي ڊگرين واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايف آءِ اي شيعب شيخ سميت چئن جوابدارن کي پيش  ڪيو.

ايف آءِ اي استدعا ڪئي ته ايگزيڪٽ جعلي ڊگرين واري ڪيس ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، تنهنڪري جوابدارن کي پندرنهن ڏينهن جي رمانڊ تي سندن حوالي ڪيو وڃي.

عدالت درخواست رد ڪندي شعيب شيخ، ذيشان احمد، وقاص عتيق ۽ ذيشان انور کي ستن ڏينهن لاءِ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت ايف آءِ اي کي حڪم ڏنو آهي ته جوابدارن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي کين ٻيهر پيش ڪيو وڃي.

واضح رهي ته آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ تي جعلي ڊگريون وڪرو ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*