ايبٽ آباد ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت، 10 زخمي

ايــــبٽ آباد  ويجهو  مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ۽ ڏهه مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

ايبٽ آباد جي شيروان واري علائقي ۾ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب مسافر وين کاهي ۾ ڪري پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت چار ڄڻا فوت ۽ ڏهه مسافر  زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي پوليس ۽ امدادي رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب، حادثو ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*