اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران ترڪ خاتون اول جو واپس ڪيل هار نيٺ نادرا وصول ڪري ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني  پاران ترڪ خاتون اول جو واپس ڪيل هار نيٺ نادرا وصول ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي کاتي ۽ ڪابينا ڊويزن جي انڪار سبب گيلاني جا ماڻهو سڄو ڏينهن آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا رهيا.

ايف آءِ اي کي لکت ۾ خاطري ڏيارڻ بعد اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي اسٽاف جي ذريعي ترڪ خاتون اول جو هار ڪابينا ڊويزن ڏانهن ڏياري موڪلرايو.

ڪابينا ڊوزيرن جي عملدارن هار وصول ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته وزيراعظم هائوس يا پرڏيهي کاتي سان رابطو ڪري هار واپس ڪيو وڃي، کين هار وصول ڪرڻ لاءِ ڪي به حڪم جاري ناهن ٿيا.

ڪابينا ڊويزن جي انڪار بعد يوسف رضا گيلاني جا ماڻهو هار سميت پرڏيهي کاتي جي آفيس پهتا ۽ کين ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد پرڏيهي کاتي جي آفيس به موٽائي ڇڏيو.

پرڏيهي کاتي جي عملدارن جو موقف آهي ته هـــــُو هار واپس نٿا وٺي سگهن، گيلاني جي ماڻهن کي نادرا سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

ڪابينا ڊويزن ۽ پرڏيهي کاتي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ بعد يوسف رضا گيلاني جا ماڻهو هار سميت وري نادرا جي آفيس پهتا، جتي نادرا کين هار وصول ڪيو.

يوسف رضا گيلاني جي نمائندگي موجب، نادرا کان هار وصول ڪرڻ بابت رسيد حاصل ڪئي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*