امريڪي رياست الاسڪا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب جهاز ۾ سوار 9 ڄڻا فوت ٿي ويا

امريڪي رياست الاسڪا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ سبب جهاز ۾ سوار 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، پروميچ ايئر پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مسٽي جارڊز واري علائقي ۾ سياحت دوران هڪ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر ۽ هڪ پائلٽ فوت ٿي ويو.

پروميچ ايئر جي صدر مارڪوس سيسم جو چوڻ هو ته جيڪو جاني نقصان ٿيو آهي، ان جو کيس گهڻو ڏک آهي پر ان کي بيان ڪرڻ لاءِ وٽس لفظ نه آهن.

امدادي ڪارڪن جو چوڻ هو ته جنهن هنڌ جهاز ڪريو آهي اها خراب آهي، جڏهن ته حادثي وقت تيز هوائون گهلڻ ڪري ڏکي صورتحال هئي  ۽ امدادي ڪارروائين ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون.

ڪروز لائن جي بيان موجب 8 ئي مسافر ويسٽرڊم ڪروز شپ تي هئا، جيڪو ڇنڇر تي سيٽل مان هفتي جي ٽرپ تي نڪتو هو، ان شپ تان ننڍي جهاز اڏام ڪئي ۽ حادثي جو شڪار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*