ڪراچي سميت سنڌ ۾ گرمي وگهي حياتيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو

ڪراچي سميت سنڌ ۾ گرمي وگهي حياتيون ضايع ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، ڪراچي ۾ وڌيڪ 15 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد هفتي دوران حياتيون وڃائيندڙن جو انگ هڪ هزار 95  ٿي ويو، لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 95ٿي ويو.

ڪراچي ۾ گرميءَ ۾ گهٽتائي باوجود اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ ۽ بجلي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي.

جناح اسپتال ۾ داخل وڌيڪ 15 ڄڻا گرمي جي سٽ سهندي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ڪراچي ۾ فوت ٿيلن جوانگ وڌي هڪ هزار 95 ٿي ويو آهي.

لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ گرمي سبب 45 ورهين جو  عالم ڀيو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ وڌي 95 ٿي ويو.

سنڌ ۾ گرمي جي لهر برقرار رهڻ سبب ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هيل تائين فوت ٿي ويلن جو انگ 11 سئو 90 ٿي ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*