ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ طارق مير جو برطانوي جاچ ادارن پاران ڪيل انٽرويو منظر عام تي اچي ويو آهي

ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ طارق مير جو برطانوي جاچ ادارن پاران ڪيل انٽرويو منظر عام تي اچي ويو آهي، جنهن ۾ هن ڀارت کان تربيت ۽ مالي مدد وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، طارق مير چيو آهي ته ڀارت کان پئسا ملڻ کي ڳجهو رکيو ويو آهي، متحده اڳواڻ پاران ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ بابت ڏنل سوال جو جواب ظاهر ناهي ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽس مطابق ايم ڪيو ايم اڳواڻ طارق مير برطانوي پوليس کي جيڪو انٽرويو ڏنو هو، اهو 6 صفحن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ هن اعتراف ڪيو آهي ته الطاف حسين کي ڀارت جي مختلف ذريعن کان پئسا ملندا هئا.

 هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڀارت کان 15 لک ڊالر گهريا هئا، کين 1994 ۾ ڪجهه پئسا مليا هئا، ڀارت پهريان ڊالرزن ۾ فنڊنگ ڪئي بعد ۾ کيسن پائونڊز ۾ رقم فراهم ڪئي وئي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ طارق مير چيو ته ڀارتي فنڊنگ جي ڄاڻ صرف 4 ڄڻن کي ڄاڻ هئي، جن ۾ الطاف حسين، محمد انور، عمران فاروق ۽ هو پاڻ شامل آهي، ڀارت سان رابطو محمد انور جي ذريعي ٿيندو هو.

هن چيو ته ظاهري طور ملندڙ ڀارتي اختيارين جو واسطو را سان لڳندو هو، ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان ملندڙ ڀارتي آفيسرن جي پهچ ڀارتي وزيراعظم تائين هئي ۽ ڀارتي اختيارين سان پهرين ملاقات اٽلي جي گادي واري شهر روم ۾ ٿي هئي، ان کان علاوه، زيورخ، پراگ ۽ سالٽس برگ ۾ به ملاقاتون ٿيون هيون.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سڀ ملاقاتون طارق انور جي ذريعي ٿيون، ساڻن ملندڙ ڀارتي آفيسر کين اصل نالا نه ٻڌائيندا هئا، ملاقات کان 2 ڏينهن اڳ کين اطلاع ڏنو ويندو هو.

طارق مير اعتراف ڪيو ته ڀارتي آفيسرن سان ملاقات لاءِ سندس ذميواري هوائي ٽڪيٽ ۽ هوٽل جو بندوبست ڪرڻ هوندو هو، انٽرويو جي پهرين صفح تي 4 لک برطانوي پائونڊ جي امداد جو به ذڪر آهي.

هن چيو ته کين سالياني 8 لک پائونڊ ملندا هئا ۽ رقم ملڻ جو سلسلو 1994 ۾ شروع ٿيو، 1995 ۾ نديم نصرت جي ذريعي رقم ملندي هئي.

رقم جي استعمال بابت برطانوي جاچ ادارن جي سوال جي جواب ۾ طارق مير چيو ته رقم هٿيارن جي خريداري، ڪارڪنن جي تربيت ۽ گهرن جي خريداري تي خرچ ٿيندي هئي، طارق مير اهو به اعتراف ڪيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪنن کي تربيت لاءِ ڀارت موڪليو ويندو هو.

طارق مير کان ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ڀارتي فنڊنگ بابت به سوال ڪيو ويو، جنهن جو جواب انٽرويو جي صفي تي ظاهر ناهي ڪيو ويو ۽ ان کي لڪايو ويو آهي.

ميڊيا تي بيان اچڻ کانپوءِ طارق مير پنهنجي بيان تي تبصري کان انڪار ڪندي تصديق ۽ ترديد کان لاچاري ظاهر ڪئي آهي.

ميڊيا رپورٽس موجب طارق مير جو مبينا بيان 30 مئي 2012 رڪارڊ ڪيو ويو هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*