پشاور ۾ عملي تي تي مبينا تشدد خلاف ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ڊاڪٽرز ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي

پشاور ۾ عملي تي تي مبينا تشدد خلاف ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ڊاڪٽرز ٻئي ڏينهن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرز جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل عورت جي وارثن جو به ڌرڻو جاري آهي.

گذريل ڏينهن ڊاڪٽرز جي مبينا غفلت سبب ڳورهاري عورت فوت ٿي وئي، جنهن دوران وارثن ڊاڪٽرز کي ڪمري ۾ بند ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.

ڊاڪٽرز، ليڊي ريڊنگ اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪري رهيا آهن.

ڊاڪٽرز جي احتجاج سبب اسپتال جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويوآهي، جڏهن ته مريضن کي پـڻ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته فـــــوتي عورت جي وارثن بلاجواز کين تشدد جو نشانو بڻايو، جوابدار گرفتار ٿيڻ تائين هو احتجاج جاري رکندا.

ٻئي پاسي عورت جي وارثن الزام مڙهيو آهي ته سندن عورتن ڊاڪٽرز جي غفلت سبب فوت ٿي، معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*