گجرانوالا جي عدالت، ڊسڪا سانحي جي مک جوابدار جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

گجرانوالا جي عدالت، ڊسڪا سانحي جي مک جوابدار  جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

گجرانوالا جي سينٽرل جيل اندر ڊسڪا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جوابدار شهزاد وڙائچ کي پيش ڪيو ويو.

جوابدار جي وڪيل استدعا ڪئي ته ڪيس جي تياري لاءِ ڪجهه ڏينهن مهلت ڏني وڃي.

عدالت وڪيل جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته ڊسڪا ۾ ايس ايڇ او شهزاد وڙائچ جي فائرنگ ۾ 2 وڪيل مارجي ويا هئا…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*