پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران چيو آهي ته ڀارت جي ٽيم خلاف سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو

پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران چيو آهي ته ڀارت جي ٽيم خلاف سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته ٽيم ڪوارٽر فائنل ۾ ڪاميابي ماڻيندي.

بيلجيم جي شهر اينٽورپ ۾ جاري ورلڊ هاڪي ليگ ٽورنامنٽ جي هڪ اهم ميچ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي،جيڪا هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ٻن-ٻن گولن سان برابر ٿي وئي.

ميچ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد عمران چيو ته ٽيم جي بهتر ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ڪوارٽر فائنل ۾ فتح حاصل ڪري ٽيم سيمي فائنل ۾ پهچي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*