ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل متحده ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار آصف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪر ي ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تي رينجرز جي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل متحده ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار آصف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪر ي ڇڏيو، عدالت رينجرز اهلڪارن ۽ قتل جي ٻين ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار شير محمد شيخ کي  90 ڏينهن لاءِ رينجرز  جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.

عزيز آباد پوليس ايم ڪيو ايم ڪارڪن وقاص شاهه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار آصف کي رمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار آصف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

وقاص شاهه رينجرز جي نائين زيرو تي ڇاپي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويو هو، جنهن جي قتل ڪيس ۾ پوليس جوابدار آصف کي شهدادپور مان گرفتار ڪيو هو.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت رينجرز اهلڪارن ۽ ٻين شهرين جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار شير محمد شيخ کي به 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*