سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حقدارن کي عيد کان اڳ زڪوات ادا ڪئي ويندي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته حقدارن کي عيد کان اڳ زڪوات ادا ڪئي ويندي ۽ عشر زڪوات کاتو ايجوڪيشن کاتي کي هر سال وظيفن جي ادائگي لاءِ 21 ڪروڙ48 لک رپيا فراهم ڪري ٿو.

وزير اعليٰ هائوس ۾ زڪوات متاثرن ۾ اي ٽي ايم ڪارڊ ورهائڻ اوري تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته زڪوات ڪائونسل ۽ زڪوات کاتي سنڌ بئنڪ کي هڪ ارب رپيا جاري ڪيا آهن، جيڪي متاثرن کي اي ٽي ايم ذريعي فراهم  ڪيا ويندا.

وڏي وزير چيو ته زڪوات کاتو ايجوڪيشن کاتي کي هر سال وظيفي جي مد ۾21 ڪروڙ 48لک رپيا ڏئي ٿو.

وڏي وزير چيو ته زڪوات ديني مدرسن، صحت کاتي جي سار سنڀال واري شعبي ۽ ايجوڪيشن فائونڊيشن سميت مختلف کاتن کي زڪوات لاءِ فنڊس فراهم ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*