ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ گرمي جي لهر برار آهي، موسمات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ گرمي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ گرمي جي لهر برار آهي، موسمات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ گرمي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هوائن جو رخ تبديل ٿيڻ سبب  ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ  هڪ وڳي جي وقت  35  ۽  حيدرآباد ۾ 39 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب سکر، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽  ميرپورخاص ۾ گرمي پد 39 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب نوابشاهه ضلعي ۾ گرمي پد 42 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته دادو ۾ 41 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ٿرپارڪر ۾ 38، بدين ۾ 39 ۽ ٺٽي ۾ 38 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي ۾ اسلام آباد ۾ 36،لاهور ۾ 38، ڪوئيٽا ۾ 32 ۽ سبي ۾ 38 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*