کپري تعلقي ۾ پرائمري اسڪول بند هجڻ ۽ تعليم کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

کپري تعلقي ۾ پرائمري اسڪول بند هجڻ ۽ تعليم کاتي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين عبدالرزاق سنگراسي، مختيار هڱورو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهيد چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته کپري تعلقي ۾ 300 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول بند پيل آهن، جن ۾ مقرر استاد گهر ويٺي مفت جون پگهارون کڻي رهيا آهن.

هنن چيو ته تعليم کاتي ۾ ڪرپشن سبب تعلقي جي هزارين ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، پر حڪومت ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو.

هنن مطالبو ڪيوته بند پيل پرائمري اسڪول کولرائي ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري عوام سان انصاف ڪيو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*