موسميات کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايندڙ هفتي کان برساتون پوڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ايندڙ هفتي کان برساتون پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب رمضان جي آخري عشري ۾ پوري ملڪ ۾ برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو.

موسميات کاتي موجب ايندڙ 2 کان ٽن ڏينهن دوران پوري ملڪ ۾ پري مون سون پرساتون پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي اهو به امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ايندڙ هفتي کان ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو، جڏهن ته رمضان جي آخري عشري ۾ پوري ملڪ ۾ پري مون سون برساتون پوڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*