راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت سپر ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ سپر ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، جڏهن ته لاهور جي عدالت ضمانت واري درخواست تي فيصلو هڪ وڳي تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت ۾ سپر ماڊل ايان علي خلاف ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ايان علي جا وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مصروف هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.

عدالت ماڊل ايان علي جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 جولاءِ تائين واڌ ڪئي جڏهن ته ايندڙ ٻڌڻي تي مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

راولپنڊي جي عدالت ماڊل ايان علي جي وڪيلن کي ايندڙ ٻڌڻي تي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي..

هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو هڪ وڳي تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

ڪسٽم پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ماڊل ايان علي وٽان ساڍا 51 لک ڊالر هٿ آيا.

ڪسٽم پراسڪيورٽر جو چوڻ هو ته ايان علي پرڏيهه وڃڻ نه وڃڻ وارو ڪوڙو ڳالهايو.

عدالت ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو هڪ وڳي تائين محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*