دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٽن جوابدارن جي رمانڊ ۾ واڌ ڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت صفوران سانحي جي ٽن جوابدارن جي رمانڊ ۾  9  ڪيسن  ۾  14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ٽن جوابدارن سعد عزيز، اسد رحمان ۽ طاهر حسين جو صفوران سانحي، سبين محمود قتل ڪيس، آمريڪي پروفيسر جي قتل ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ  اچڻ سميت 9 ڪيسن ۾ رمانڊ پورو ٿيڻ تي پوليس کين اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت  پوليس جي درخواست تي  ٽنهي جوابدارن جي رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪندي کين پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*