سري لنڪن ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

سري لنڪن ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾ ميزبان ٽيم هڪ طرفي مقابلي  بعد قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي 7وڪيٽن تان  شڪست ڏئي سيريز هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتي آهي.

سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏي ويل ٻين ٽيسٽ ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو غلط ثابت ٿي.

پاڪستاني بيٽسمين ٻين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ ۾ بري طرح ناڪام رهيا ۽ پوري ٽِيم 138 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

قومي ٽيم پاران محمد حفيظ 42، اظهر علي 26، ياسر شاهه 15 ۽ سرفراز احمد 14رنز اسڪور ڪري نمايابيٽسمين رهيا، جڏهن ته ست بيٽسمين ڊبل فگر ۾ نه پهچي سگهيا.

سري لنڪا پاران ٿرينڊيو ڪوشل 5، ڌميڪا پرساد 3 وڪيٽون حاصل ڪيون.

سريلنڪن ٽيم پنهنجي پهرين اننگ م 315 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪوشل سلوا 80۽ ڪپتان اينجلو ميٿيوز 77 رنز جي اننگ کيڏي.

سري لنڪن ٽيم پاڪستان خلاف پهرين اننگ ۾ 177رنز جي برتري حاصل ڪري ورتي.

پاڪستان جي ٽيم جا بيٽسمين ٻي اننگ ۾ به ٻوٽو ٻاري نه سهگيا ۽ پوري ٽِيم 329رنز اسڪور ڪري سگهي، جنهن ۾ اظهر علي 117رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته احمد شهزاد 69رنز اسڪور ڪيون.

سري لنڪن ٽيم پاران ڌميڪا پرساد 4، چميرا 3، جڏهن ته اينجلو ميٿيوز 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.

ميچ جي چوٿين ڏينهن ميزبان ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 153رنز جو ٽارگيٽ مليو پر برسات سبب راند کي ختم ڪيو ويو.

اڄ ميچ جي آخري ڏينهن سري لنڪن ٽيم گهر بل ٽارگيٽ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪري ورتو آهي.

سري لنڪن ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ ڪرونا رتني 50رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو، جڏهن ته  ڪپتان اينجلو ميٿيوز43 ۽ ٿريماني 20 رنز جي اننگ کيڏي  ناٽ آئوٽ رهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

قومي ٽيم پاران ياسر شاهه ٻه ،جڏهن ته ذوالفقار بابر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 3 جولاءِ کان پاليڪلي ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*