ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو تابش گوهر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو تابش گوهر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تابش گوهر بجلي بحران تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب عهدو ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب، ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او تابش گوهر پنهنجي استعيفيٰ بورڊ آف ڊائرڪٽرز ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او ڪراچي ۾ بجلي لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب استعيفيٰ ڏني آهي.

ٻئي طرف ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ سي اي او جي استعيفيٰ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته تابش گوهر پنهنجي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*