يونان جو مالياتي بحران شدت اختيار ڪري ويو، بينڪون هفتي لاءِ بند ڪيون ويون

يونان جو مالياتي بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن بعد حڪومت پاران بينڪون هفتي لاءِ بند ڪيون ويون آهن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج به بند آهي.

يوناني حڪومت پاران هفتي لاءِ بينڪون بند ڪرڻ واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته پيسن جي کوٽ سبب ملڪي مالياتي نظام کي بچائڻ لاءِ هي انتهائي ضروري قدم آهي.

حڪمنامي موجب يونان ۾ بينڪن جي اي ٽي ايم جي رقم ڪڍڻ جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي ۽ روزانو وڌ ۾ وڌ 60 يورو ڪڍي سگهجن ٿا.

يونان جي وزيراعظم اليڪسس تسيپراس يوروزون ملڪن پاران قرض جون سخت شرطون مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، جنهن بعد يوروزون اٿينز کي ساڍا ست ارب يورو تڪڙو قرض ڏيڻ انڪار ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته آءِ ايم ايف به قرض جي ادائيگي جي تاريخ ۾ واڌ کان انڪار ڪيو هو.

يونان کي 30 جون تائين آءِ ايم ايف کي هڪ ارب 60 ڪروڙ يورو ادا ڪرڻا آهن، جنهن ۾ ناڪامي جي صورت ۾ يونان جو ڏيوالو نڪرڻ جو خدشو آهي، جنهنڪري هي ملڪ يورو زون جي 19 ملڪن مان به ٻاهر ٿي ويندو ۽ ان کانپوءِ يورپي يونين مان به خارج ٿي سگهي ٿو.

صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ بينڪون بند ڪيون ويون آهن، وزيراعظم عوام کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته توهان جا پيسا، پگهارون ۽ پينشن محفوظ آهن.

پارليامينٽ جي منظوري سان يونان جي حڪومت قرض ڏيندڙن جون سخت شرطون مڃڻ يا نه مڃڻ لاءِ 5 جولاءِ تي ريفرنڊم ڪرائي رهي آهي.

بينڪون بند ٿيڻ بعد يونان ۾ پيسا ڪرائڻ لاءِ اي ٽي ايم ٻاهران ماڻهن جون قطارون لڳي ويون آهن.

يونان جو مجموعي قرض ان جي سالياني قومي پئداوار جي ٻِيڻ تي آهي ۽ ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن يونان کي ادائگي ۾ سهولت نه ملي ته يونان کي هر ڪجهه ڏينهن اندر نئون قرض وٺڻ واري چڪر مان نڪرڻ مشڪل ٿي پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*