اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊ مهم دوران سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي، ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊز به جاري نه ڪري سگهبا، ڀڃڪڙي ڪندڙ اميدوار خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، مڪاني چونڊن ۾ وزير اعظم ۽ اسپيڪر سميت سمورا وزير سرڪاري مشينري استعمال نه ڪري سگهندا.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته مڪاني چونڊن دوران سرڪاري ملازمن جي ترقين ۽ بدلين تي پابندي هوندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊ مهم دوران ترقياتي اسڪيمن لاءِ فنڊز جاري نه ڪري سگهبا، جڏهن ته سرڪاري وسيلا استعمال نٿا ڪري سگهجن.

واضح رهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*