پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي تعلقي خان پور ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا

پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي تعلقي خان پور ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان 11 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب، رحيم يار خان کان لاهور ويندڙ مسافر بس تعلقي خان پور ويجهو فيروزه واري هنڌ ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان 11 جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين تعلقي اسپتال لياقت پور منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 مسافرن کي موقعي تي ئي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو.

مسافرن جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، بس موڙ ڪاٽي رهي هئي ته ڪلٽي ٿي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*