آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيل يورپين گيمز جي پڄاڻي روس جي پهرين پوزيشن تي ٿي وئي

آزربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيل يورپين گيمز جي پڄاڻي روس جي پهرين پوزيشن تي ٿي وئي.

آزربائيجان جي شهر باڪو ۾ منعقد ٿيل ميگا ايونٽ ۾ روس ميڊلز ٽيبل تي پنهنجي برتري سبب پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي رهيو.

باڪو ۾ منعقد ٿيل افتتاحي يورپين گيمز جي آخري ڏينهن بيچ فٽبال فائنل ۾ روس جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد اٽلي جي ٽيم کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪيو.

فرانس جوڊو جي ايونٽ ۾ عورتن سان گڏ مردن واري ايونت ۾ گولڊ ميڊلز ماڻيا.

ڊينمارڪ جي سيمون ڪرسٽينسن 27 ڏهائي ٻري چار سيڪندز ۾مقرره فاصلو طئه ڪري بي ايم ايڪس فائنل  جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

مينز ايونٽ ۾ گولڊ ميڊل فرانس جي يوري دوديت حاصل ڪيو.

روس جي ٽِيم مجموعي طور 79 گولڊ ميڊلز حاصل ڪري پهرين پوزيشن پنهنجي نالي ڪئي.

ميزبان آزربائيجان 21 گولڊ ميڊلز ماڻي ٻيئن پوزيشن ماڻي.

مسلسل 17 ڏينهن تائين جاري رهندڙ يورپين گيمز جي پڄاڻي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي،جنهن دوران آتش بازي جو مظاهرو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*