پنجاب جي شهر ساهيوال ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ لالي ووڊ اداڪاره خوشبو سخت زخمي، سندس ڀاءُ فوت

پنجاب جي شهر  ساهيوال ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ لالي ووڊ اداڪاره خوشبو جو ڀاءُ فوت ٿي ويو، جڏهن ته اداڪار سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، رحيم يار خان ۾ به بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 15 مسافر زخمي ٿي پيو.

اداڪاره خوشبو گهر ڀاتين سميت سيوهڻ کان واپس اچي رهي هئي ته ساهيوال ۾ جي ٽي روڊ تي سندس گاڏي ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ اداڪاره خوشبو جو ڀاءُ جاويد فوت ٿي ويو، جڏهن ته اداڪاره سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن پنجاب جي شهر رحيم يار خان جي تعلقي خان پور ۾ بس ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان 11 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب، رحيم يار خان کان لاهور ويندڙ مسافر بس تعلقي خان پور ويجهو فيروزه واري هنڌ ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾ 15 مسافر زخمي ٿي پيا، جن مان 11 جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين تعلقي اسپتال لياقت پور منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته 4 مسافرن کي موقعي تي ئي طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو.

مسافرن جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، بس موڙ ڪاٽي رهي هئي ته ڪلٽي ٿي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*