ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار، وڌيڪ 13 ماڻهو فوت، فوتين جو انگ وڌي 1260 ٿي ويو

ڪراچي ۾ گرمي جو زور ٽٽڻ باوجود لوڊشيڊنگ جو سلسلو برقرار آهي، مختلف اسپتالن ۾ داخل وڌيڪ 13 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا.

ڪراچي جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 13 ماڻهن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ شهر ۾ مجموعي طور فوتين جو انگ وڌي 12 سئو 60 ٿي ويو آهي.

جناح اسپتال ۾ وڌيڪ ستن، سول ۾ ٻڻ ۽ قطر اسپتال ۾ به ٽن ماڻهن دم ڏنو.

شهر جي مختلف اسپتالن ۾ گرمي سٽيل وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو داخل ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*