سنڌ اسيمبلي جو اجلاس آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ميمبرن مختلف معاملن تي بحث ڪيو

سنڌ اسيمبلي ۾ متحده ميمبرز چيو آهي ته داعش ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي، داعش جي حامي جماعت اسلامي ۽ ٻين تنظيمن تي پابندي مڙهي وڃي،جڏهن ته نصرت سحر عباسي 12 هزار ڊاڪٽرن کي ترقي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

سنڌ اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر چيو ته دهشتگرد تنظيم داعش ڪراچي سميت ملڪ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي ۽ جماعت اسلامي سميت مختلف جماعتون ان جو حامي آهن.

هن مطالبو ڪيو ته داعش جي حمايت ڪندڙ جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين  تي  پابندي مڙهي وڃي.

ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي صوبائي وزير سڪندر منڌري چيو ته سنڌ ۾ داعش جو ڪوبه وجود نه آهي.

اجلاس دوران فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته سروس اسٽرڪچر نه هئڻ سبب 12 هزار ڊاڪٽر 20 سالن کان ترقي کان محروم آهن، متحده جي محمد حسين چيو ته نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم تي عمل نه ٿيڻ سبب سنڌ جي شهري آبادي ۾ مايوسي پکڙيل آهي.

فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ چيو ته هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام جي ملازمن کي 7 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن سبب پروگرام متاثر ٿي رهيو آهي، انڪري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ سان گڏ کين پڪو ڪيو وڃي.

متحده جي خواجه اظهار چيو ته ڪراچي ۾ داخلا پاليسي ۾ تبديلي سبب يارهين ڪلاس جي شاگردن جي تعليم متاثر ٿي آهي، جنهن تي تعليم واري وزير چيو ته داخلا پاليسي ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*