لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽرول بحران تي وفاقي حڪومت کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ، پيٽرول بحران تي وفاقي حڪومت کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ، پيٽرول بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل گوهر نواز سنڌو موقف اختيار ڪيو ته ملڪ ۾ پيٽرول جو بحران هٿرادو طور پيدا ڪيو ويو، جنهن سبب شهرين سخت ڏکيائن کي منهن ڏنو.

سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پيٽرول بحران جي ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته جاچ ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ تائين کين جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.

عدالت، وفاقي حڪومت کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*