سنڌ هاءِ ڪورٽ گرمي وگهي ماڻهن جي فوتگين تي وفاق، سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهن جي فوتگين تي وفاق ، سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سماجي اڳواڻ راڻا فيصل حسن جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گرمي وگهي ماڻهن جي فوتگين بابت ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي ۾ گرمي سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

درخواست ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ صحت جون سهولتون به ميسر نه ڪري سگهي آهي جنهن سبب ماڻهن جو موت ٿيو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سخت گرمي ۾ ماڻهن جي فوت ٿيڻ باوجود بجلي لوڊشيڊنگ برقرار آهي.

درخواست گذار جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ عدالت وفاق، سنڌ سرڪار ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*