ڪراچي جي اورنگي واري علائقي ۾ بس ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪراچي جي اورنگي واري علائقي ۾ بس ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي  ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ تيز رفتار بس موٽر سائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

فوتين جا لاش ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو آهي، جڏهن ته بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*