سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪ فوج کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪ فوج کي زمين الاٽ ڪرڻ خلاف سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪري 6 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

انڊس ڊولپمنٽ آرگنائزيشن طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڏي وزير خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وڏي وزير 2011 ۾ عدالت کي خاطري ڪرائي هئي ته سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي نه ڪئي ويندي.

درخواست ۾ چيو ويو ته وڏي وزير اها به خاطري ڪرائي هئي ته وڌيڪ نوان ٻيلا به پوکيا ويندا ۽ ليز تي ڏنل زمينون به واپس ڪيون وينديون.

درخواست ۾ چيو ويو ته 9 هزار 6 سئو ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين شهيد اهلڪارن جي وارثن کي ڏيڻ غير قانوني آهي.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ٻيلي کاتي جي زمين نه ئي ڪنهن کي الاٽ ٿي ڪري سگهجي نه ئي وري ان کي روينيو ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو.

درخواست  ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير وٽ ٻيلي کاتي جي زمين جا اختيار نه آهن ۽ هن عدالتي حڪم جي توهين ڪئي آهي تنهنڪري زمين واپس ڪري ڌرين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت درخواست گذار جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ سنڌ سرڪار، بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري 6 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*